ڪراچي-03 جنوري (اي پي پي) پاڪستان نيوي فليٽ جي سالياني ايفيشنسي ڪامپيٽ??شن پريڊ پاڪستان نيوي ڊاڪيارڊ ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. پاڪ بحريه طرفان جاري پڌرائيءَ موجب اها تقريب پاڪ بحريه جي بحري جهازن، آبدوزن ۽ هوائي جهازن لاءِ پيشيوراڻي طور تي ڪامياب ۽ اهم آپريشنل سال جي پڄاڻيءَ جي نشاندهي ڪري ٿي. ڊاڪيارڊ ڪمانڊر پاڪستان فليٽ ريئر ايڊمرل عبدالمنيب مهمان خاص جي آجيان ڪئي ۽ چست جٿي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو. چيف آف دي نيول اسٽاف پنهنجي خطاب ۾ پاڪ بحريه جي فليٽ جي آپريشنل تيارين تي مڪمل اطمينان ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو. هن 2024ع جي آپريشنل مقصدن ۽ هدفن کي ڪاميابيءَ سان حاصل ڪرڻ تي آفيسرن ?? جوانن جي پيشيوراڻي مهارتن ۽ لڳن جي تعريف ڪئي. ايڊمرل نويد اشرف ميري ٽائيم سيڪيورٽي ۽ پاڪستان جي سي لائنز آف ڪميونيڪ??شن جي تحفظ لاءِ پاڪستان نيوي فليٽ جي خدمتن کي س??را??يو. نيول چيف اسٽريٽجڪ ميري ٽائيم زون خاص طور تي گوادر پورٽ ۽ سي پيڪ جي ميري ٽائيم سان لاڳاپيل منصوبن جي حفاظت کي يقيني بنائڻ لاءِ پاڪ بحريه جي ڪوششن تي روشني وڌي. ٻي طرف هن خطي ۾ اُڀرندڙ ميري ٽائيم سيڪيورٽي ماحول جو به ذڪر ڪيو جنهن جي پيش نظر پاڪ بحريه کي هميشه پنهنجي بحري سرحدي جي دفاع لاءِ تيار رهڻ ضروري آهي. ٻئي پاسي پنهنجي آجياڻي خطاب ۾ ڪمانڊر پاڪستان فليٽ گذريل سال دوران پي اين فليٽ جي اپريشنل ڪاميابين تي روشني وڌي. هن ٻُڌايو ته پاڪ بحريه جي فليٽ سڄو سال جنگي تيارين جي اعليٰ معيار کي برقرار رکيو جڏهن ته بحري جهازن ملڪي ۽ـ پرڏيهي سمنڊن ۾ ٻه طرفي ۽ گهڻ رُخ مشقن ۾ حصو ورتو. تقريب دوران پاڪ بحريه جي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ اسڪواڊرنز ۽ يونٽس کي ايفيشنسي ايوارڊ ۽ ٽرافيون پيش ڪيون.
متعلقہ مضامین
-
Pakistan, Uzbekistan agree to expand bilateral trade to $2bn
-
Prominent lawyer Amjad Pervaiz appointed Punjab advocate general
-
PTI to join Opposition alliance for anti-govt protest after Eid: Shibli
-
Balochistan CM asks social media influencers to promote patriotism
-
Bounty Queen Official Entertainment App تفریح کا نیا انقلابی پلیٹ فارم
-
Senior faculty questions authority of care taker VC
-
Atizaz urges Nawaz to accept oppositions TORs, declare assets
-
Sindh CM calls on Asif Zardari in Dubai
-
NA approves Rs 113bn for railways and Rs 1.5bn for climate change
-
Pakistan, Iran have great relations: Iranian ambassador
-
Dr Rizvi inspires 40 medics to pledge for organ donation
-
Gas explosion in Quetta, Kalat injures seven