اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مالديپ ۽ پاڪستان جي گڏيل مفاد جي لاءِ واپاري ۽ اقتصدي تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي سگهه ڏيڻ سان گڏوگڏ مالديپ کي پاڪستاني مصنوعات برآمد ڪرڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، پاڪستان مالديپ سان پ??هنجي لاڳاپن کي ٻطرفي ڏس سميت سارڪ، او آءِ سي، گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه جي فريم ورڪ ۾ تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ مالديپ جي عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر فرزانه ظاهر سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هن قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلي جي شدت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته موسمياتي تبديلين سان ترقي يافته ۽ اسرندڙ ملڪن ٻنهي کي هڪ جهڙو خطرو آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ کي سياحت جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان سکڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڀارت پاران مسلمانن جي خلاف فرق ۽ انهن تي ظلم انتهائي ڳڻتي جوڳو آهي، عالمي برادري کي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران مسلمانن خاص طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي. صدر سارڪ جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ تنظيم جي ڪردار تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته اسلامي ملڪن کي اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. صدر عهدو ڇڏيندڙ هاءِ ڪمشنر کي ان جي ملازمت جي مدي جي ڪاميابي سان پڄاڻي تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪستان مالديپ لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ هاءِ ڪمشنر ج?? ڪوششن کي ساراهيو.
متعلقہ مضامین
-
Value freedom, for it was not earned lightly
-
PM links Pakistan’s progress to Balochistan’s development
-
8 killed as car falls into ravine on Karakoram Highway in Lower Kohistan
-
میڈوسا آفیشل انٹرٹینمنٹ ایپ
-
Shipping and logistics moot on 24th
-
Restaurant sealed for cooking in unhygienic area
-
Proud to lead brave, highly professional army: COAS
-
ایم جی کارڈ گیم آفیشل گیم پلیٹ فارم کی منفرد دنیا
-
گولڈن جیم آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ مکمل گائیڈ
-
R88 الیکٹرانک آفیشل گیم آفیشل ویب سائٹ کی تفصیلات اور خصوصیات
-
رولیٹی آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: تفریح کا نیا مرکز
-
فارچیون ڈریگن ٹرسٹ بیٹنگ انٹری کا کامیابی کا منفرد تجربہ